وفاقي حڪومت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ق ليگ سان رابطو

وفاقي وزير اعجاز شاهه ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان ملاقات ڪئي.

وفاقي حڪومت پنهنجي اتحادي جماعت ق ليگ سان ٻيهر رابطو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ اڄ وفاقي وزير اعجاز شاهه چوڌري ڀائرن جي رهائشگاهه پهتو، جتي هن چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي چوڌري سالڪ حسين، چوڌري حسين الاهي به موجود هئا.

ذريعن موجب ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ اتحاد جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، اعجاز شاهه چوڌري شجاعت جي خيريت معلوم ڪئي ۽ وزيراعظم جو خاص پيغام پهچايو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري ڀائرن چيو سياسي صورتحال تي مسلسل مشاورت ڪري رهيا آهيون.

Read Previous

حڪومت کي ڪو مسئلو ناهي، اسان جا نمبر پورا آهن: وزيراعظم

Read Next

اپوزيشن سُتل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو، جوڪرن جي هيءَ آخري راند هوندي: فواد چوڌري

Most Popular