ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن ( ريٽائرڊ ) اسد علي چوڌري لال مندر جو دورو ڪيو

ميرپورخاص ( شاھزیب خاصخیلی ) ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن ( ريٽائرڊ ) اسد علي چوڌري لال مندر جو دورو ڪيو ۔ ان دوران ايس ايس پي ميرپورخاص سيڪيورٽي جي مجموعي صرتحال جو جائزو ورتو۔
ان موقع تي ايس ايس پي ميرپورخاص مندر ۾ رميش ڪمار ۽ سيٺ ڌنراج سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ضلع ميرپورخاص پاران مڪمل تعاون جي يقين دهاني ڪرائي . ايس ايس پي ميرپورخاص جو چوڻ هو ته هولي جي موقع تي تمام مندرن ۽ ٻين جاين تي حفاظتي انتظامات کي يقيني بڻايو ويندو. تمام ايس ايچ اوز کي پنهنجن علائقن ۾ پنهنجي موجودگي و پٽرولنگ ، سنيپ چيڪنگ ۽ پڪٽنگ جي عمل مضبوط ۽ موثر بنائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. لهذا شهري ڪنهن به مشڪوڪ حرڪت ، سرگرمي يا لاوارث گاڏي ، بيگ، پارسل وغيره ڏسن ته فور طور تي مددگار 15 تي ، ويجهي موبائل ، ٿاڻو يا ايس ايس پي آفيس کي اعطلاع ڏين . بعد ۾ مندر جي انتظاميا پاران ڊسٽرڪٽ پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ نيڪ خواهشات جو اظهار ڪيو. ان موقع تي هن سان گڏ ڊي ايس پي سٽي عثمان لغاري ، انچارج سي آئي اي عنايت علي زرداري ، انچارج ڊي آئي بي دانش احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ۔

Read Previous

اپوزيشن سُتل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو، جوڪرن جي هيءَ آخري راند هوندي: فواد چوڌري

Read Next

اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت الڳ الڳ ناهن: پرويز خٽڪ

Most Popular