اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت الڳ الڳ ناهن: پرويز خٽڪ

بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت الڳ الڳ ناهي، انهن ٻنهي کي گڏ هلڻو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته اهي سڀ عمران خان خلاف گڏ بيٺا آهن، الائي ڇو توهان کي لڳي رهيو آهي ته حڪومت وڃي پئي؟ مان يقين سان چوان ٿو ته حڪومت نه ويندي، اسان جا اتحادي اسان سان گڏ آهن ۽ رهندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت الڳ الڳ ناهن، ٻنهي کي گڏ هلڻو آهي، هفتي، 20 ڏينهن ۾ آرمي چيف سان ملاقات ٿي ويندي آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان تمام گهڻو پراعتماد آهي، سياسي جماعتن جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، جنهن کي وڃڻو آهي استعيفيٰ ڏئي وڃي.

Read Previous

ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن ( ريٽائرڊ ) اسد علي چوڌري لال مندر جو دورو ڪيو

Read Next

ڀارتي عدالت به شاگردياڻين کي حجاب پائڻ جي اجازت نه ڏني

Most Popular