اپوزيشن سُتل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو، جوڪرن جي هيءَ آخري راند هوندي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي آڻي سُتل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو، عمران خان وٽ جيڪو فارمولو آهي اپوزيشن وارا هٿ مَليندا رهجي ويندا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي معاملن ۽ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، سڀني وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ڪميٽي اپوزيشن طرفان ماڻهو خريدڻ ۽ آڇن جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ قومي اسيمبلي اجلاس جلد گهرائڻ جي تجويز ڏني.

هن چيو ته اسان سدائين ڪامياب جلسا ڪيا، پ پ جو سنڌ مان شروع ٿيل مارچ پنجاب ۾ وکري ويو، ننڍا جلوس آڻيندڙن کي ٻڌايون ٿا ته عمران خان کي ليڊر آهي، اپوزيشن وارا بي اعتمادي نه آڻين ها ته اسان ائين ئي ستل هجون ها، فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ شهباز شريف بي اعتمادي آڻي ستل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو آهي، عمران خان وٽ جيڪو فارمولو آهي، اپوزيشن وارا هٿ مَليندا رهجي ويندا، ٽن جوڪرن جي جاري راند آخري ثابت ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي اجلاس اسپيڪر کي گهرائڻو آهي، اسان جي خواهش آهي ته اجلاس جلد کان جلد گهرايو وڃي، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به ڌڙو ناهي، شڪايتون ٿينديون رهنديون آهن، اتحادين کي علم آهي ته هن وقت عمران خان کي ليڊر آهي.

Read Previous

وفاقي حڪومت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ق ليگ سان رابطو

Read Next

ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن ( ريٽائرڊ ) اسد علي چوڌري لال مندر جو دورو ڪيو

Most Popular