امپائر پاڪستان سان گڏ آهي، ڪو حادثو ٿيو ته نقصان اپوزيشن کي ٿيندو: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته امپائر پاڪستان سان گڏ آهي، جنهن کي پاڪستان جي ڳڻتي آهي، سمجهائي رهيو آهي ته معاملو سٺي طريقي سان حل ڪيو، جمهوريت جو سپورٽر آهي ۽ پاڪستان لاءِ سوچي رهيو آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن 4 سالن ۾ مونجهارو پيدا ڪيو، هاڻ چونڊن ۾ هڪ سال رهجي ويو آهي، اپوزيشن جو مٿيون خانو خالي آهي، اهي سڀ ڊي چوڪ ۾ فارغ ٿي ويندا، ڊي چوڪ ۾ حالتون ڪنٽرول ڪنداسين ۽ نه ٿي سگهيو ته اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي، ڪو حادثو ٿيو ته نقصان اپوزيشن کي ٿيندو.

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت نه ويندي، ان جا 4 سال پورا ٿي ويا آهن، جڏهن ته پنجاب جي سياست جي خبر ناهي، مان اتان جي سياست ناهيان ڪندو.

سندس موجب مولانا فضل الرحمان کي سمجهڻ گهرجي ته مولا جٽ جي سياست نه هلندي، تنهن ڪري توهان 23 مارچ تي اچو تحفظ فراهم ڪنداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي روڪيو ويو ته مان ذميوار آهيان.

شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جا 172 ماڻهو پورا ناهن، مارڪيٽ ۾  ٻوليون لڳي رهيون آهن، وڪرو ٿيندڙ ڪڏهن ڪامياب ناهن ٿيندا، اتحادين ۽ پنهنجي ميمبرن تي اعتماد آهي ته اهي عمران خان سان گڏ هوندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ق ليگ وارن کي ڪجهه چوندس ته اهي ڪاوڙجي ويندا، بس چوڌري کي صلاح آهي ته عمران خان سان گڏ هجن.

Read Previous

جڳ مشهور ريسلر ريزر ريمن لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

نه رڳو بي اعتمادي ناڪام ٿيندي پر انهن جون ايندڙ چونڊون به ويون: وزيراعظم

Most Popular