جڳ مشهور ريسلر ريزر ريمن لاڏاڻو ڪري ويو

ڊبليو ڊبليو اي جو ريزر ريمن جي نالي سان مشهور ريسلر اسڪاٽ هال 63 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ريزر جي اڳوڻي ٽيگ ٽيم پارٽنر ڪيون نيش سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته اسڪاٽ هال بيمار ٿي پيو هو.

ڊبليو ڊبليو اي هال آف فيم ۾ اسڪاٽ هال 1980 جي ڏهاڪي ۾ ڪيريئر شروع ڪيو هو، گذريل مهيني ڪرڻ سبب سندس ڄنگهه جي هڏي به ڀڄي پئي هئي ۽ هو اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

سرجري کانپوءِ کيس لائيف سپورٽ تي رکيو ويو هو، اسڪاٽ هال کي سرجري دوران 3 ڀيرا دل جو دورو پيو.

ريسلر جي پارٽنر ڪيون نيش ويچار ونڊيندي چيو ته مون اهڙي شخص کي وڃايو آهي، جنهن سان زندگي جو سڀ کان وڌيڪ وقت گذاريو.

ڪيون نيش کانسواءِ ٻين ريسرلز طرفان ريزر ريمن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

عمران هاشمي پاڪستان ۾ ڇا پيو ڪري؟

Read Next

امپائر پاڪستان سان گڏ آهي، ڪو حادثو ٿيو ته نقصان اپوزيشن کي ٿيندو: شيخ رشيد

Most Popular