نه رڳو بي اعتمادي ناڪام ٿيندي پر انهن جون ايندڙ چونڊون به ويون: وزيراعظم

imran khan pm

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان اپوزيشن جو ٿورائتو آهيان، جنهن قوم کان ٽماٽي ۽ بصر جا اگهه وساري ڇڏيا.

اوور سيز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ن ليگ تقريبن 20 سال اهو چيو ته آصف زرداري پاڪستان جو ڪرپٽ ترين شخص آهي، مولانا فضل الرحمان جو نالو ڊيزل به ن ليگ رکيو هو، آصف زرداري، نواز شريف ۽ فضل الرحمان هاڻ گڏجي ويا آهن ۽ ملڪ بچائڻ نڪتا آهن.

هن چيو ته مان گهڻي عرصي کان ان جو انتظار ڪري رهيو هيس، شڪر آ ته اپوزيشن مون کي موقعو ڏنو ۽ بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي، هاڻ اهي ڪپتان جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهن، انهن جي بي اعتمادي ته ناڪام ٿيندي ئي پر 2023 جون چونڊون به ويون.

سندس چوڻ هو ته اوور سيز پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، چاهيان ٿو ته سمڊ پار پاڪستاني ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪن، تنهن ڪري انهن کي 5 سالن تائين ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي، پاور آف اٽارني ڊجيٽل ڪرائي ڇڏي آهي ۽ هاڻ کين وڌيڪ سولائيون فراهم ڪنداسين.

Read Previous

امپائر پاڪستان سان گڏ آهي، ڪو حادثو ٿيو ته نقصان اپوزيشن کي ٿيندو: شيخ رشيد

Read Next

اپوزيشن ته ٺهيو حڪومت به جلسا پئي ڪري، جيڪو ان جو ڪم ناهي: چوڌري شجاعت

Most Popular