واٽس ايپ ۾ پاڻمرادو گم ٿيندڙ ميسيجز جو نئون آپشن

واٽس ايپ جا سڄي دنيا ۾ واهپيدار آهن، جن جي سهولت لاءِ ڪمپني فيچرز وڌائيندي رهي ٿي.

واٽس ايپ جي نون اپڊيٽس تي نظر رکندڙ هڪ ويب سائيٽ رپورٽ ڪيو آهي ته ڪمپني پاڻمرادو گم ٿيندڙ ميسيجز جي سهولت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

ڪڏهن ڪڏهن واهپيدار جي خواهش هوندي آهي ته ميسيج پرهڻ کان فوري بعد گم ٿي وڃي پر ڪڏهن ڪڏهن اهم پيغام مستقبل ۾ ڪم جا هوندا آهن.

هاڻي ڪمپني ان تي غور ڪندي اهم پيغامن جي حوالي سان ڪم شروع ڪيو آهي.

ان مقصد لاءِ واٽس ايپ هن فيچر ۾ اهڙيون سهولتون ڏيندي، جن سان اهم پيغام ڊيليٽ ٿيڻ بعد به ڏسي سگهبا.

رپورٽ موجب اهو فيچر شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ اهو واضح ناهي ته ڪڏهن شامل ڪيو ويندو.

Read Previous

اپوزيشن ته ٺهيو حڪومت به جلسا پئي ڪري، جيڪو ان جو ڪم ناهي: چوڌري شجاعت

Read Next

هالا پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي 5 ڪلو هيروئن هٿ، هڪ عورت سميت 2 جوابدارن کي گرفتار

Most Popular