اپوزيشن ته ٺهيو حڪومت به جلسا پئي ڪري، جيڪو ان جو ڪم ناهي: چوڌري شجاعت

ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين اعلان ڪيل جلسن کي رد ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

چوڌري شجاعت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ موجود ڪمزور معاشي ۽ سياسي حالتون ٽڪراءَ واري صورتحال کي منهن نه ٿيون ڏئي سگھن، غربت ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجندڙ عوام حڪومت ۽ اپوزيشن جي جلسن ۽ نمبرن جي سياست مان سخت پريشان آهي.

هن چيو حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اپوزيشن ته جلسن جي سياست ڪري ٿي پر هن وقت حڪومت به ان جي مقابلي ۾ جلسا ڪرڻ لڳي آهي، جيڪو حڪومت جو ڪم ناهي، ملڪ ڪي اعليٰ ترين مفاد ۾ فوري طور ان جلسن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪن.

چوڌري شجاعت حسين چيو ته سياسي مقابلو ملڪ ۾ اهڙو ڏڦيڙ ۽ بحران پيدا ڪري سگھي ٿو، جنهن جو فائدو پاڪستان جي اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن کي ٿي سگھي ٿو، ٻئي ڌريون پنهنجن پنهنجن ڪارڪنن کي نفرت پيدا ڪندڙ سياست وارو رستو نه ڏيکارين، ان ويڙهه ۾ ڪير ماريو ويو يا ڪنهن کي مارايو ويو ته سڀ پڇتائيندا، هارائڻ ۽ کٽڻ کي انا جو مسئلو بڻائڻ بنا جمهوري طريقي موجب ووٽنگ ۾ حصو وٺن.

سندس چوڻ هو ته ق ليگ سدائين ملڪي مفاد جي سياست ڪئي، اسان جي پارٽي کي ننڍي پارٽي چوندڙ وساري ويٺا آهن ته ق ليگ ملڪ ۽ جمهوريت جي لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪيا، ٻين جي مخالفت ڪرڻ باوجود اسان سدائين صلح ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي.

Read Previous

نه رڳو بي اعتمادي ناڪام ٿيندي پر انهن جون ايندڙ چونڊون به ويون: وزيراعظم

Read Next

واٽس ايپ ۾ پاڻمرادو گم ٿيندڙ ميسيجز جو نئون آپشن

Most Popular