هالا پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي 5 ڪلو هيروئن هٿ، هڪ عورت سميت 2 جوابدارن کي گرفتار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي بينظير ڀٽو لا ڪاليج جي سال 2022 جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد وڪيلن طرفان سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل ظهير الدين شيخ ۽ سندس ٽيم جي ميزبانيءَ هيٺ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڪراچي مان آيل سينيئر قانون داد بئريسٽر علي زيدي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل سيڪريٽري سجاد چانڊيو، هاءِ ڪورٽ جي وڪيل سهيل مظهر سومرو سميت 500 کان وڌيڪ سينيئر قانون دانن، وڪلين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر قانون دان بئريسٽر علي زيدي، سجاد چانڊيو، سهيل مظهر سومرو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي  جي نوجوانن کي تعليم ۽ قلم جي طاقت سان اڳتي اچڻ گهرجي ڇاڪاڻ نوجوانن ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون آهن جن کي وڪالت سان گڏ ٻين شعبن ۾ به معاشري جي بهتريءَ لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته وڪالت جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد نوجوان وڪيل سڀ کان پهريان قانون جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ سان گڏ سينيئر وڪيلن سان لهه وچڙ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته هو غريب ۽ مسڪين کي اوليت جي بنياد تي ترجيح ڏئي انهن جو ڪيس قانوني طريقي سان وڙهن. هنن چيو ته نوجوانن کي ايتري قانون جي اهميت جي ڄاڻ ھجڻ لازمي آھي ته هو پنهنجو حق قانوني طريقي سان حاصل ڪري سگهن. هنن چيو ته اڄ جي نوجوانن جي لاءِ کوڙ سارا موقعا آهن پر انهن موقعن جي تلاش لاءِ نوجوانن کي جدوجهد ڪرڻ سان گڏ نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ئي هو معاشري جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هنن چيو ته اڄ لاڙڪاڻي جي نوجوانن هي تقريب ۾ شرڪت ڪري وڏي خوشي ٿي آهي اميد ته هي نوجوان هڪ ڏينهن ضروري پنهنجي منزل مقصود تي پهچندا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا ويا.

Read Previous

واٽس ايپ ۾ پاڻمرادو گم ٿيندڙ ميسيجز جو نئون آپشن

Read Next

ناديا خان، شرميلا فاروقي جي ماءُ سان مبينا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٻولهه واري ڪيس مان بري

Most Popular