ناديا خان، شرميلا فاروقي جي ماءُ سان مبينا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٻولهه واري ڪيس مان بري

ايف آءِ اي اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان کي پ پ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر شرميلا فاروقي جي ماءُ لاءِ اڻ وڻندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.

ناديا خان خلاف شرميلا فاروق هلندڙ سال جنوري ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي، ناديا خان پنهنجي يوٽيوب تي صبور علي جي شادي جو ولاگ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ شرميلا جي ماءُ به ساڻس ڳالهايو هو.

ان وڊيو جي وائرل ٿيڻ تي شرميلا فاروق ايف آءِ اي ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي، جڏهن ته ناديا خان به شرميلا فاروق خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو ۽ اشارو ڏنو هو ته هو سنڌ اسيمبلي ميمبر خلاف ڪارروائي ڪندي.

هاڻي ايف آءِ اي پنهنجي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اداڪارا ناديا خان کي بري قرار ڏنو.

ايف آءِ اي سنڌ ڪرائيم برانچ جي سربراهه عمران رياض پنهنجي انسٽاگرام تي وڊيو جاري ڪندي تصديق ڪئي ته وفاقي جاچ اداري ناديا خان کي بري قرار ڏنو آهي.

Read Previous

هالا پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي 5 ڪلو هيروئن هٿ، هڪ عورت سميت 2 جوابدارن کي گرفتار

Read Next

بابر اعظم، عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ، ڪراچي ٽيسٽ ڊرا

Most Popular