ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ هوشيار! عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي مواد شيئر ڪندڙن کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ هڪ عالمي ايپ آهي، دنيا کان ڪٽجي به نٿا سگهون.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي چيف جسٽس قيصر رشيد ۽ جسٽس عبدالشڪور ڪئي.

پي ٽي اي جي وڪيل جهانزيب محسود ۽ درخواستگذار عورت طرفان نازش مظفر ايڊووڪيٽ پيش ٿي.

ٻڌڻي ۾ پي ٽي اي جي وڪيل ٻڌايو ته رپورٽ اڄ جمع ڪئي پر عدالت کي نه پهتي، ٽڪ ٽاڪ بابت هڪ طريقيڪار تيار ڪيو آهي.

وڪيل جو چوڻ هو ته غير اخلاقي مواد شيئر ڪندڙن کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ اڪائونٽ به مستقل طور تي بلاڪ ڪيو وڃي ٿو پر هاڻي پيڪا آرڊيننس آيو آهي، ايف آءِ اي کي وڌيڪ اختيار آهي.

جسٽس قيصر رشيد چيو ته پيڪا آرڊيننس گهڻو ڪري سياسي پروپيگينڊا جي خاتمي لاءِ ٺاهيو آهي، اسان جي قدرن موجب ڪم هجڻ گهرجي، غير اخلاقي مواد شيئر ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

جسٽس قيصر رشيد ريمارڪس ڏنا ته ٽڪ ٽاڪ هڪ عالمي ايپ آهي، دنيا کان ڪٽجي به نٿا سگهون، ٽڪ ٽاڪ جي فلٽريشن ڪئي وڃي، قدرن خلاف مواد روڪيو وڃي.

جسٽس عبدالشڪور جو چوڻ هو ته ٻار آپگهات ڪري رهيا آهن، جنهن تي پي ٽي اي جي وڪيل جواب ڏنو ته اها پب جي گيم آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پب جي تي پابندي لڳائي هئي پر پوءِ هٽائي ڇڏي.

عدالت حڪم ڏنو ته جيڪي به غير اخلاقي مواد شيئر ڪن ٿا انهن کي بلاڪ ڪريو ۽ پي ٽي اي کي 31 مئي تائين رپورٽ گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ خلاف مقامي عورت سارا خان درخواست داخل ڪئي آهي.

Read Previous

مٽياري ۽ ڀرپاسي ۾ پوکيل هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل لهڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پهچي چڪو آهي

Read Next

هندو انتهاپسند بالي ووڊ خانن خلاف اُٿي پيا، سئنيمائن تي حملا

Most Popular