هندو انتهاپسند بالي ووڊ خانن خلاف اُٿي پيا، سئنيمائن تي حملا

ڀارت ۾ تعليمي ادارن کان پوءِ هاڻي سئنيما گهر به انتها پسندن جو نشانو بڻيل آهن.

آر ايس ايس جي غنڊن هڪ سئنيما تي حملو ڪيو ۽ چيو ته بالي ووڊ جون فلمون نه ڏسو ۽ خاص ڪري شاهه رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان جون فلمون نه ڏسو.

رپورٽن مطابق حملي وقت سئنيما ۾ ڪشمير بابت هڪ فلم جي نمائش ٿي رهي هئي، جنهن تي آر ايس ايس جا غنڊا سئنيما ۾ بيٺا هئا.

فلم ڏسڻ لاءِ آيل عورتون انتهاپسند نعرن جي گونج تي حيران ٿي ويون ۽ ٻار خوفزده ٿي ويا.

واضح رهي ته ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي تعليمي ادارن ۾ حجاب تي پابندي بابت هاءِ ڪورٽ به فيصلو ڏنو آهي.

ڪرناٽڪ هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ حجاب تي پابندي کي برقرار رکندي عدالت چيو ته حجاب پائڻ اسلامي عقيدي جو لازمي مذهبي عمل ناهي.

Read Previous

ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ هوشيار! عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

آسٽريليا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊن جو اعلان

Most Popular