ضمير جو سودو ڪري حڪومت بچايان ته لعنت آ اهڙي حڪومت تي: وزيراعظم

imran khan pm

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي اسيمبلي ميمبر پنهنجي ضمير جو سودو ڪري رهيا آهن، عوام جو پئسو چوري ڪري حڪومت بچائڻ کان بهتر آهي ته منهنجي حڪومت هلي وڃي، ضمير جو سودو ڪري رشوت ڏيڻي آهي ته اهڙي حڪومت تي لعنت ٿو وجهان.

مالاڪنڊ جي تعلقي درگئي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان وٽ هن وقت ٻه رستا آهن ته چورن جو ساٿ ڏيون يا وري انهن جو، جيڪي 25 سالن کان ڪرپشن خلاف ڳالهائي رهيا آهن، هاڻ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي.

هن چيو ته چور پئسي ذريعي اسان جا ميمبر خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سڄي قوم سامهون ضمير جو سودو ڪيو پيو وڃي، جڏهن سنڌ هائوس ۾ نوٽن جون ٻوريون آنديون وڃن ۽ برائي سڀني جي سامهون اچي وڃي ته الله جو حڪم آهي برائي خلاف ۽ چڱائي سان گڏ بيهو، اهو نه ته نيوٽرل هو.

وزيراعظم پنهنجي ايم اين ايز کي چيو ته غلطيون ٿي وينديون آهن، توهان کي معاف ٿو ڪيان واپس اچي وڃو، پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي واسطي اها غلطي نه ڪيو، پئسو وٺي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل تباهه نه ڪيو، توهان جيترو به چئو عمران خان بُرو شخص آهي پر ماڻهو نه مڃيندا.

سندس چوڻ هو ته مون کي چيو ويو ايم اين ايز خريد ڪري واپس آڻيان، مون کي آخرت جي ڳڻتي آهي، عوام جو پئسو چوري ڪري حڪومت بچائڻ کان بهتر آهي ته حڪومت هلي وڃي، جيڪڏهن ضمير جو سودو ڪري پنهنجي حڪومت بچايان ته مان اهڙي حڪومت تي لعنت وجهان ٿو.

Read Previous

شوبز ۾ وڏيون بدتميز شخصيتون آهن: آمنا ملڪ پول پڌرا ڪري ڇڏيا

Read Next

بي اعتمادي رٿ: قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب

Most Popular