بي اعتمادي رٿ: قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب

قومي اسيمبلي اسپيڪر بي اعتمادي جي معاملي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب ڪري ورتو.

ذريعن موجب قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو اسپيڪر اسد قيصر جي گهر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اختيارين ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت کانپوءِ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي گهرائڻ جو باقاعدي طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ جمعي ڏينهن صبح 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، اجلاس اپوزيشن طرفان جمع ڪرايل ريڪوزيشن تي طلب ڪيو ويو آهي.

اپوزيشن طرفان قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ 14 ڏينهن جو آئيني مدو 21 مارچ تي ختم ٿي رهيو آهي پر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته او آءِ سي اجلاس سبب اجلاس 25 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي هئي ۽ گذريل ڏينهن بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن 21 مارچ کان اجلاس ۾ بي اعتمادي تي ڪارروائي اڳتي نه وڌائي وئي ته اسان قومي اسيمبلي ۾ ئي ڌرڻو هڻنداسين.

Read Previous

ضمير جو سودو ڪري حڪومت بچايان ته لعنت آ اهڙي حڪومت تي: وزيراعظم

Read Next

”او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مداخلت ڪندڙن جون رڙيون آسمان تائين وينديون“

Most Popular