شوبز ۾ وڏيون بدتميز شخصيتون آهن: آمنا ملڪ پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ماڊل، اداڪارا ۽ ميزبان آمنا ملڪ اداڪارا ثنا جاويد تي ماڊل ۽ ميڪ اپ آرٽسٽن جي الزامن کانپوءِ جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڪيترن ئي شوبز شخصيتن، هدايتڪارن ۽ پروڊڪشن هائوسز تي انهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ الزام هنيا آهن.

پنهنجي 10 منٽن جي وڊيو ۾ آمنا ملڪ شوبز انڊسٽري ۾ جونيئر فنڪارن سان بدسلوڪي جو ذميوار پروڊڪشن هائوسز ۽ ڊائريڪٽرن کي قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اهي بهتر ٿي ويا ته ڪيتريون ئي شيون بهتر ٿي وينديون.

اداڪارا پنهنجي وڊيو ۾ ڪنهن به اداڪارا، اداڪار، هدايتڪار يا پروڊيوسر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته نه رڳو ثنا جاويد پر شوبز انڊسٽري جون ٻيون ڪيتريون ئي اداڪارائون اهڙي ريت بي عزتي ڪندڙ آهن.

هن چيو ته ثنا جاويد شروع کان ”بي عزت“ نه هوندي، هوءَ اهڙي ٿي وئي، جڏهن کيس مشهور ڪيو ويو، کيس ٻين کان وڌيڪ پروٽوڪول ۽ عزت ڏني وئي هوندي.

آمنا ملڪ چيو ته اڄ ثنا جاويد چوي ٿي ته هوءَ پنهنجي خلاف مهم ڏسي حيران ٿي وئي آهي پر هوءَ وساري چڪي آهي ته سندس اهڙي رويي سبب ڪيترا ماڻهو حيران ٿي ويا هوندا.

هن ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ ثنا جهڙيون بدتميز شخصيتون آهن ۽ انهن جو رويو تڏهن درست ٿيندو، جڏهن ڊائريڪٽر ۽ پروڊڪشن هائوس به ٺيڪ هوندا ۽ اهڙن مشهور ماڻهن سان به عام اداڪارن جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو.

آمنا ملڪ واضح ڪيو ته هوءَ پنهنجي مشهوري يا فالورز کي وڌائڻ لاءِ وڊيوز نه ٺاهي رهي آهي ۽ کيس ان ڳالهه جي به پرواهه ناهي ته سندس وڊيو کانپوءِ کيس نوڪري ڏني ويندي يا نه.

Read Previous

جمائما گولڊ اسمٿ زخمي ٿي پئي

Read Next

ضمير جو سودو ڪري حڪومت بچايان ته لعنت آ اهڙي حڪومت تي: وزيراعظم

Most Popular