”او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مداخلت ڪندڙن جون رڙيون آسمان تائين وينديون“

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مداخلت ڪري ڏيکاري، ان جون رڙيون آسمان تائين وينديون.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڌمڪي تي چيو ته ذميوارن جي هڪڙي فون آئي ۽ توهان ليٽي پيئو، ڪو ماءُ جو پٽ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مداخلت ڪري ته ڏيکاري، ان جون رڙيون آسمان تائين وينديون.

هن چيو ته بلاول جي بيان تي 22 ملڪن جي سفيرن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، کين ٻڌايو آهي ته مهمانن جي واپسي تائين سمورا انتظام پاڪ فوج وٽ آهن، 25 مارچ تي جوڊو ڪراٽو ٿيڻو آهي ته ٿي وڃي.

سندس چوڻ هو ته مائنس ون ڪير ناهي هوندو، عمران خان مائنس ٿي وڃي ته پوئتي ڪير آهي، پي ٽي آءِ جي ڪاوڙيل ميمبرن کي صلاح ڏيان ٿو ته اپوزيشن کان پئسا وٺي واپس اچي وڃن.

Read Previous

بي اعتمادي رٿ: قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب

Read Next

رمضان دوران گيم شوز، غير مناسب اشتهار ۽ پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي جو مطالبو

Most Popular