آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي

جسٽس منيب اختر

آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ 24 مارچ تي صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي.

لارجر بينچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت ڦري ويل ميمبرن جي معاملي تي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايو آهي.

صدارتي ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63 اي ۾ داخل ناهي ته ڊيفيڪٽ ڪرڻ وارا ميمبر ڪيتري عرصي لاءِ نااهل ٿيندا، وفاداري تبديل ڪرڻ تي آرٽيڪل 62 ايف تحت نااهلي تاحيات هجڻ گھرجي، اهڙن ميمبرن لاءِ سدائين پارليامينٽ جا درواز بند هجن.

صدارتي ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ووٽ خريداري جي ڪلچر کي روڪڻ لاءِ 63 اي ۽ 62 ايف جي تشريح ڪئي وڃي ۽ باغي ميمبرن جي ووٽ کي تڪراري سمجهيو وڃي.

Read Previous

آصف زرداري ايم ڪيو ايم کي ملاقات لاءِ گهرائي ورتو، مطالبا مڃڻ جي خاطري

Read Next

اتحادي حڪومت سان گڏ ناهن رهيا: مولانا فضل الرحمان جي دعويٰ

Most Popular