اتحادي حڪومت سان گڏ ناهن رهيا: مولانا فضل الرحمان جي دعويٰ

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي آهي ته اتحادي حڪومت سان گڏ ناهن رهيا.

مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز بهادرآباد پهتو، جتي هن متحده قيادت سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي رٿ تي گفتگو ڪئي وئي.

ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات کانپوءِ مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي ته حڪومت جا اتحادي هاڻي ان سان گڏ ناهن رهيا، انهن کي اسان سان گڏ هجڻ جو اعلان ڪرڻ ۾ هڪ ٻه ڏينهن لڳي سگھن ٿا.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات کانپوءِ مڪمل مطمئن آهيان، بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي جو يقين آهي.

فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جلسن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿي، اها ڪنهن شريف انسان جي ناهي، ايتري وڏي عهدي تي اهڙا ماڻهو ڏسي حيرت ٿئي ٿي.

ان کان اڳ بهادرآباد پهچڻ تي صحافين مولانا فضل الرحمان کان سوال ڪيو ته گھٻرائڻو آهي يا نه؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته اسان گھٻرائڻ وارا ناهيون.

Read Previous

آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي

Read Next

فيس بڪ ۽ انسٽاگرام انتهاپسند قرار

Most Popular