ميرپورماٿيلو مقتول عامر حيدراڻي جا قاتل ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ جاويد لاشاري) ميرپورماٿيلو مقتول عامر حيدراڻي جا قاتل ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج، تفصيل موجب ڏيڍ مهينو اڳ حيدراڻي برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل شاگرد عامر حيدراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن جو نورحسن محمد حنيف گل حسن ۽ عبدالحفيظ حيدراڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول عامر حيدراڻي جا قاتل جميل حيدراڻي طفيل حيدراڻي ربنواز حيدراڻي ۽ ٻيا وڏا بااثر آهن جن اسان جو ماڻهو قتل ڪيو آهي ۽ هينئر به اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر ميرپورماٿيلو پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي اسان کي بار بار دلاسا ڏئي واپس ڪيو ويندو آهي هنن چتاء ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس بک هڙتالي ڪئمپ هڻي ويهي رهنداسين..

Read Previous

پاڪستاني عورتاڻي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ 13 ورهين کانپوءِ ميچ کٽي ورتي

Read Next

دپيڪا آڏو ننڍو ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيم: صبا قمر جو انڪشاف

Most Popular