پاڪستاني عورتاڻي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ 13 ورهين کانپوءِ ميچ کٽي ورتي

پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ندا ڊار جي بهترين بالنگ سبب ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 13 ورهين کانپوءِ عالمي ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي.

وومين ورلڊ ڪپ جي ويهين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ شاندار بالنگ ڪئي.

فاطما سنا ميٿيوز کي آئوٽ ڪيو، ندا ڊار خطرناڪ بالنگ ڪرائيندي ڊيئنڊرا ڊوٽن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته شيمين ڪيمبل کي به 7 رنز تي پويلين موڪليو، 51 رنز تي عميما سهيل چيڊيئن نيشن کي ٻڙي تي آئوٽ ڪيو.

ويسٽ انڊيز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 89 رنز ٺاهي سگهي.

پاڪستان طرفان ندا ڊار 4 اوورز ۾ رڳو 10 رنز ڏئي سڀ کان وڌيڪ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جواب ۾ مبينا علي 43 بالن تي 5 چوڪن جي مدد سان 37 رنز ٺاهيون، ڪپتان بسما 20 رنز، عميما 22 رنز اسڪور ڪيون ۽ پاڪستان 19هين اوور ۾ 8 وڪيٽن تان ميچ پنهنجي نانءِ ڪري ورتي.

ندا ڊار کي ميچ ۾ شاندار بالنگ تي بهترين رانديگرياڻي جو ايوارڊ ڏنو ويو.

Read Previous

اسٽيشن تي ريل جو انتظار ڪندڙ ناريءَ سان لڄالٽ

Read Next

ميرپورماٿيلو مقتول عامر حيدراڻي جا قاتل ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج

Most Popular