پي سي بي لاهور ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن يوم پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) يوم پاڪستان ڪرڪيٽ مداحن سان گڏ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پي سي بي پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ بينو قادر ٽرافي جي ٽين ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن يوم پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي موجب 23 مارچ جي مناسبت سان ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي شروعات پاڪستان جي قومي تراني سان ٿيندي، جڏهن ته ٻئي ٽيمون قومي تراني جي اعزاز ۾ گرائونڊ ۾ بيهنديون.

ان کانسواءِ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ موجود تماشائين ۾ اڍائي هزار جهنڊا ورهايا ويندا، جڏهن ته هي جهنڊا پي سي بي چيئرمين رميز راجا پاڻ ڪرڪيٽ مداحن کي ڏيندو.

پي سي بي موجب ان موقعي تي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪامنٽيٽرز يوم پاڪستان جي مناسبت سان سائي ۽ اڇي رنگ جو لباس پهريندا.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽين ٽيسٽ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي.

Read Previous

دپيڪا آڏو ننڍو ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيم: صبا قمر جو انڪشاف

Read Next

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

Most Popular