وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، پرويز خٽڪ، شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب حڪومتي ڪميٽي اتحادين سان ڳالهين تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ۽ کيس آگاهه ڪيو ته اتحادي اسان سان گڏ هلڻ نٿا چاهين.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڪميٽي بريفنگ ۾ چيو ته وڌيڪ جنگ عوام ۽ عدالتن ذريعي ئي وڙهي سگهجي ٿي.

ذريعن موجب ڪاميٽي جو چوڻ هو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ عوام کي ٻڌايو وچي ته ڪهري ريت چور ڦورو عوام تي مڙهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته هي مافيا ملڪ ۾ ترقي نٿي چاهي، اسان پنهنجو فيصلو عوام جي عدالت ۾ ڇڏيون ٿا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪاوڙيل ميمبرن سان به ٻيهر رابطو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم اجلاس ۾ چيو ته عدالت ذريعي کين تاحيات نااهل ڪرائڻ تي زور ڏنو ويندو.

Read Previous

پي سي بي لاهور ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن يوم پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو

Read Next

ن ليگ جي لانگ مارچ جو نالو ۽ پلان جاري

Most Popular