اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي مرڪزي تقريب، مارچ ۽ فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو

PRESIDENT DR. ARIF ALVI INSPECTING THE PAKISTAN DAY PARADE, AT SHAKARPARIAN PARADE GROUND, ISLAMABAD, ON 23-03-2022.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ۽ چين جي پرڏيهي وزير به شرڪت ڪئي.

اسلام آباد جي شڪرپڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي مرڪزي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هٿياربند فوج جي آرمڊ ڪور، ايئر ڊيفنس ۽ ٻين جٿن مارچ پريڊ ۽ فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو.

ان کانسواءِ پريڊ دوران ميزائل، ايف 16 ۽ جي ايف 17 ٿنڊر جھازن به شاندار فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪري دشمن جي دل  تي دهشت طاري ڪئي.

يوم پاڪستان پريڊ دوران آذربائيجان، ترڪي، بحرين ۽ سعودي جٿن به مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو.

هن سال يوم پاڪستان جي مرڪزي پريڊ جي ٿيم”شاد رهي پاڪستان“ رکي وئي جيڪا قومي تراني جي جملي ”مرڪز يقين شادباد“ مان ورتي وئي آهي.

او آءِ سي پرڏيهي وزير اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پريڊ ۾ خاص طور تي دعوت ڏني وئي ۽ او آءِ سي جي فلوٽ کي يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ خاص طور تي شامل ڪيو ويو.

ان کانسواءِ چين جي پرڏيهي وزير به يوم پاڪستان پريڊ ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي جيڪو ٻنهي ملڪن جي دوستي جو چٽو ثبوت آهي.

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل نديم رضا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، نيول چيف ايڊمرل اجمل خان نيازي ۽ ايئرچيف مارشل ظهر احمد بابر يوم پاڪستان جي مرڪزي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

صدار اسلامي جمهوريا ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا وفاقي وزيرن به مرڪزي پريڊ ڏسڻ لاءِ موجود هئا.

پريڊ جي پڄاڻي تي صدر ۽ آرمي چيف پاڪستان لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن سان هٿ ملايو ۽ انهن جي عزم ۽ همت جي ساراهه ڪئي.

Read Previous

عمران خان جانور ڪنهن کي چئي رهيو هو، ٻڌائي ناهي سگهيو: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

Most Popular