آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

Pakistan’s Babar Azam celebrates after completing fifty during the fourth day of the second test match between Pakistan and Australia at the National Stadium in Karachi Pakistan, Tuesday, March 15, 2022. (AP Photo/Anjum Naveed)

آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ٽاپ 5 بيٽسمينن ۾ شامل ٿي ويو آهي.

ڪراچي ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ هو ٽي درجا مٿي چڙهي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته نائب ڪپتان محمد رضوان جي رينڪنگ ۾ 6 درجا بهتري اچي وئي آهي.اظهر علي 19هين نمبر تي آهي.

آسٽريليا جو مارنس لبوشين دنيا ۾ پهرين، جو روٽ ٻئي، اسٽيو سمٿ ٽئين ۽ ڪين وليمسن ٽئين نمبر تي آهن.

ڪرونا رتني ڇهين، روهت شرما ستين، ٽريوس هيڊ اٺين، ويرات ڪوهلي نائين ۽ رشڀ پنٽ ڏهين نمبر تي آهي.

بالرز جي رينڪنگ ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز پهرين ۽ پاڪستان جو شاهين شاهه آفريدي ڇهين نمبر تي آهي.

حسن علي 11هين ۽ محمد عباس 19هين پوزيشن تي آهي. ٽيسٽ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڪو به پاڪستاني ٽاپ 20 ۾ شامل ناهي.

Read Previous

اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي مرڪزي تقريب، مارچ ۽ فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو

Read Next

تحريڪ لبيڪ جو ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف مارچ، ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو

Most Popular