عمران خان جانور ڪنهن کي چئي رهيو هو، ٻڌائي ناهي سگهيو: بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان عوامي طاقت سان ڪٺ پتلي کي ڀڄائينداسين، پارليامينٽ ۾ هن ڪٺ پتلي جو مقابلو جمهوريت سان ڪنداسين.

مالا ڪنڊ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان آڱر جو آڱوٺي سان مقابلو ڪنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان غيرجمهوري هٿيار استعمال نه ڪنداسين، هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته بزدل ڀڄين ٿو، جيڪڏهن مرد آهين ته اسان جو مقابلو ڪر.

پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪو آهي هو اڳوڻو وزيراعظم بڻجي چڪو آهي، عمران خان بزدل آهي مقابلي کان ڀڄي رهيو آهي، اسان کي ڪوئا چوڻ وارو، ڪوئو بڻجي مقابلي کان ڀڄي رهيو آهي.

هن جو اهو به چوڻ هو ته خان ته بهادر هوندا آهن، خان ته غيرمند هوندا آهن، هي ڪٿان جو خان آهي، هي بني گالا جو خان آهي، هي فني گالا جو خان آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان منهنجي انگريزي جي مذاق اڏائي ٿو، وزيراعظم ٿي ڪري اسان کي اردو سيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان ته پاڻ سازشي آهي، وزيراعظم ٿي ڪري توهان هي بيان ڪيئن ڏنو ته ڀارت جي پرڏيهي پاليسي ڪامياب آهي، عمران خان ۽ ڀارت جي پرڏيهي پاليسي هڪ ئي آهي، ڀارت ۽ عمران جي سازش هي آهي ته سي پيڪ منصوبي کي ختم ڪيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان کان وڏي ڪهڙي سازش ٿي سگھي ٿي جو اسان جو وزيراعظم مودي جي چونڊ مهم هلائيندو هجي، عمران جيڪو ڪشمير جو سودو ڪيو آهي، ڇا هي ملڪ سان سازش ناهي.

هن چيو ته اسان محنت ۽ جدوجهد عوام لاءِ ڪري رهيا آهيون، صاف ۽ شفاف چونڊن هاڻي پري ناهن، توهان وٽ آيو آهيان ملڪ کي بچائڻ لاءِ هن ڪٺ پتلي کي ڀڄائڻ لاءِ.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پنهنجي ناڪامي ڏسي عمران ادارن تي حملا ڪرڻ  شروع ڪري ڏنا آهن، هي چاهي ٿو ته ميڊيا هجي ته منهنجي ٽائيگر فورس جيان، عمران خان چاهي ٿو ته هر ادارو ان جي ٽائيگر فورس هجي.

بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو آئين چوي ٿو ته هر  اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته عمران خان چاهي ٿو ته جيڪڏهن هو کيڏي نه سگھي ته ڪير به نه کيڏي سگھي، هي اڄ تائين ناهي ٻڌائي سگھيو ته هو ڪنهن کي جانور چئي رهيو هو.

هن چيو ته اسان جي بي اعتمادي جمهوريت ۽ نيوٽريليٽي جي لاءِ امتحان آهي، اسان پنهنجن انگ اکرن ۾ ڪا ڌانڌلي برداشت نه ڪنداسين، هاڻي سليڪشن نه ٿيندي، هاڻي توهان سان ڪير هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهي.

Read Previous

ن ليگ جي لانگ مارچ جو نالو ۽ پلان جاري

Read Next

اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي مرڪزي تقريب، مارچ ۽ فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو

Most Popular