آسٽريليا جي نمبر ون ٽينس رانديگرياڻي پاران ريٽائرمينٽ جو اعلان

آسٽريليا جي عالمي نمبر ون ٽينس رانديگر ايشلي بارٽي 25 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ايشلي بارٽي جو چوڻ آهي ته رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ مشڪل آهي پر هوءَ ان لاءِ خوش ۽ تيار آهي.

آسٽريلوي ٽينس اسٽار ايشلي بارٽي فرنچ اوپن، آسٽريلين اوپن ۽ ومبلڊن چيمپيئن شپ ٽائيٽل سان گڏوگڏ يو ايس اوپن وومينز ڊبلز ٽائيٽل به پنهنجي نالي ڪري ورتا، پر صرف 25 سالن جي عمر ۾ انٽرنيشنل ٽينس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ٽينس ۽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو جاري ڪندي ايشلي بارٽي چيو ته سندس لاءِ ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ مشڪل آهي پر هو هن وقت ان لاءِ خوش ۽ تيار آهي، هوءَ سمجهي ٿي ته هن وقت اهو ئي صحيح فيصلو آهي ۽ غلط فيصلا هميشه ڪيا ويندا آهن.

Read Previous

بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، آخري ساهه تائين مافيا جو مقابلو ڪنداسين: وزيراعظم

Read Next

اليڪشن ڪميشن جو بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس

Most Popular