اليڪشن ڪميشن جو بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مالاڪنڊ ۾ جلسي تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ضلعي مانيٽرنگ آفيسر بلاول ڀٽو زرداري کي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪندي 25 مارچ تي وضاحت لاءِ طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن موجب پيپلز پارٽي جو جلسو چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي.

ياد رهي ته پ پ چيئرمين مالاڪنڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته هو وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ لاءِ گيٽ نمبر 4 نه کڙڪائيندو پر هن غير جمهوري شخص جو جمهوري طريقي سان مقابلو ڪندس.

Read Previous

آسٽريليا جي نمبر ون ٽينس رانديگرياڻي پاران ريٽائرمينٽ جو اعلان

Read Next

پ پ ايم ڪيو ايم جا سڀ مطالبا مڃي ورتا، گڏيل ڪميٽي قائم

Most Popular