تيل اگهن ۾ تبديلي بابت نئين خبر اچي وئي

تيل اگهن جي قيمتن ۾ تبديلي وارو اعلان وزيراعظم شهباز شريف جي ازبڪستان ۾ مصروفيتن سبب ملتوي ڪئي وئي آهي جتي هو شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.
تيل اگهن ۾ تبديلي جي حوالي سان 15 ڏينهن بعد وزيراعظم جي منظوري سان نظرثاني ڪئي ويندي آهي پر هن ڀيري مصروف شيڊيول سبب فيصلي کي روڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سمرقند ۾ آهي جتي هن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ترڪي جي رجب طيب اردگان ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيون.
ذريعن موجب ناڻي وزارت وزيراعظم جي هدايتن جو انتظار ڪري رهي آهي

Read Previous

فيس بوڪ جو به ٻوڏ متاثرن کي ڪروڙين رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان

Read Next

عالمي گرمي پد جو پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۾ ڪيترو ڪردار آهي؟ موسمياتي ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular