عالمي گرمي پد جو پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۾ ڪيترو ڪردار آهي؟ موسمياتي ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

عالمي  موسمياتي ماهرن پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ جي تباهي ۾ انساني سرگرمين جي ڪردار کي رد نٿو ڪري سگهجي.

ورلڊ ويدر  آٽريبيوشن گروپ ۾ ڪلائيمٽ ماهرن جي عالمي ٽيم طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صنعتي دور جي انساني سرگرمين عالمي گرمي پد کي 1.2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

رپورٽ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان  5 ڏينهن جي برسات ۾ مجموعي طور 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، موجودا موسمياتي حالتن ۾ ڪنهن به سال اهڙي قسم جي واقعن ٿيڻ جو هڪ سيڪڙو امڪان هو، پر انسان جي پيدا ڪيل گرين هائوس گئسز جي خارج کانسواءِ اهڙن واقعن جو امڪان گهٽ آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 14 سئو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا، ٽي ڪروڙ ٽيهه لڪ ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته هڪ ڪروڙ 70 لک گهر ڊهي پٽ ۽ وڏي پئماني تي فصلن کي نقصان رسيو.

عالمي ماهرن ۾ رپورٽ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ته سخت متاثر علائقن ۾ ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ 75 سيڪڙو تائين وڌيڪ برساتون پيون، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رڪارڊ سطح تي برسات جو امڪاني ڪارڻ انساني سرگرميون آهن.

Read Previous

تيل اگهن ۾ تبديلي بابت نئين خبر اچي وئي

Read Next

” اسان جي دور ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو، قوم سوال ڪري رهي آهي ته ملڪ خلاف سازش ڪير پيو ڪري ؟ “

Most Popular