” اسان جي دور ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو، قوم سوال ڪري رهي آهي ته ملڪ خلاف سازش ڪير پيو ڪري ؟ “

imran khan pm

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيئرمين عمران خان چيو ته امپورٽڊ حڪومت بنا ڪنهن هدايتن جي هلي رهي آهي، هنن رڳو هڪ ٻئي کي اين ار او جي لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪيا.

عمرن خان  چيوته قوم سوال ڪري رهي آهي ته ملڪ خلاف سازش ڪير ڪري رهيو آهي؟

هن لکيو ته چيو ته اسان جي دور ۾ معاشي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي ۽ اسان جي دور ۾ زراعت، تعليم، معيشت جي ترقي ٿي ۽ روزگار جا موقعا به وڌي ويا هئا.

هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ مهانگائي سبب هر ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ڊالر رپئي جي مقابلي ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي.

آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي رپورٽن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت هڪ مستحڪم معيشت ورثي ۾ ملڻ باوجود معيشت جي تباهي جي کڏ ۾ ڪرڻ کان بچائڻ ۾ ناڪام رهي، اقتصادي سروي ۾ اسان جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ملڪ جي 70 سالا تاريخ جي بهترين ڪارڪردگي قرار ڏنو ويو.

Read Previous

عالمي گرمي پد جو پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۾ ڪيترو ڪردار آهي؟ موسمياتي ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم جي چيني صدر سان ملاقات، سي پيڪ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

Most Popular