نئين چپ مان انسانن جي ذهانت کان به تيز ڪم وٺي سگهبا

ٽيسلا جي نئين مائيڪرو چپ 2033 تائين انسانن کان وڌيڪ ذهين ٿي ويندي، جڏهن ته هن وقت مائيڪرو چپ جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت انساني دماغ جي ڇٽيهه سيڪڙو آهي

هڪ ڪار ۽ وين ليزنگ ڪمپني جي تحقيق موجب ڊي ون مائيڪرو چپ هڪ سيڪنڊ ۾ ٽي سو ٻاهٺ هزار ارب آپريشنز ڪري سگهي ٿي جڏهن ته انساني دماغ ڏهه لک هزار ارب آپريشن في سيڪنڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو

ڪمپني ماضي ۽ موجوده ٽيسلا چپس جو جائزو وٺڻ بعد اها اڳڪٿي ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ مصنوئي چپ انسان کان وڌيڪ ذهانت رکندي، جائزي ۾ڪمپني کي ڄاڻ ملي ته مائيڪرو چپس جي صلاحيت ۾ هر سال چار سو ڇهاسي سيڪڙو شرح ۾ واڌ نظر آئي آهي

ڪمپني موجب ايلون مسڪ جي ڪمپني هن سال پنهنجي نئين ڊي ون چپ متعارف ڪرڻ واري آهي، اها چپ ڊوجوسپرڪمپيوٽر پليٽفارم ۽ ٽيسلا جي آٽو پائلٽ سيلف ڊرائيونگ سسٽم جو اهم حصو هوندي

ماهرن چيو آهي ته هڪ وقت اهڙو ايندو جڏهن مصنوئي ذهانت انساني ذهن کان اڳتي وڌي ويندي جڏهن ته ان تي مختلف رايا آهن ته اهو وقت ڪڏهن ايندو؟

ڪمپني موجب ان ڳالهه کي مڃڻ غلط ناهي ته ٽيڪنالوجي اسان جي زندگين ۾ ئي انسان کان وڌيڪ ذهين ٿيندي پئي وڃي، هن وقت مائيڪروچپس انسانن جي دماغ جي سناپسز وانگر ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

Read Previous

چورن ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ويل ٽڪ ٽاڪر جوڙي کي به نه بخشيو

Read Next

واٽس ايپ شيون موٽائڻ وارا فيچر آڻڻ ۾ اڳڀرو

Most Popular