واٽس ايپ شيون موٽائڻ وارا فيچر آڻڻ ۾ اڳڀرو

سماجي رابطن جي مشهور ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي آءِ فون واهپيدارن لاءِ ڊيليٽ ڪرڻ وارو ميسيج ٻيهر حاصل ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪري رهي آهي

واٽس ايپ جي نئين فيچرز ۽ تبديلين تي نظر رکڻ واري ويب سائيٽ واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب اهو فيچر ايپ جو اپ ڊيٽڊ ورزن استعمال ڪندڙ سڀ آءِ فون واهپيدار استعمال ڪري سگهندا

ان کان اڳ اهو فيچر ڪجهه اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ تجرباتي طور متعارف ڪيو ويو هو جڏهن ته آءِ فون جا اهي واهپيدار جيڪي واٽس ايپ جو 22.19.75 ورزن استعمال ڪري رهيا آهن اهي فائدو حاصل ڪري سگهندا

ان فيچر جو مقصد اهو آهي ته جڏهن غلط ميسيج موڪلڻ جي صورت ۾ ”ڊيليٽ فار ايوريون“ ڪرڻ بجاءِ ”ڊيليٽ فار مي“ ٿي ويندو آهي ته ان وقت واهپيدار بيبس ٿي ويندو آهي ۽ جنهن کي ميسيج موڪليو ويندو آهي اهو واهپيدار پڙهي ڇڏيندو آهي

ان فيچر تحت ميسيج ”ڊيليٽ فار مي“ ٿي وڃي ته هڪ نوٽيفڪيشن سامهون ايندو جنهن تي ”ان ڊو“ (فيصلو واپس ڪرڻ) جو آپشن لکيل هوندو، ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان ميسيج واپس اسڪرين تي ايندو ۽ ان کي ” ڊيليٽ فار ايوريون“ ڪري سگهجي ٿو.

Read Previous

نئين چپ مان انسانن جي ذهانت کان به تيز ڪم وٺي سگهبا

Read Next

موت جو سبب بڻجندڙ غير ضروري شيءِ جو خوشيءَ سان استعمال ڇو؟

Most Popular