خيرپور جي يوسي مهر علي جي سماجي اڳواڻ عبدالصبور ڦلپوٽو کي حق سچ لکڻ تي بااثرن پاران موت مار ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهر

خيرپور (رپورٽ رانجهن شيخ ) خيرپور جي يوسي مهر علي جي سماجي اڳواڻ عبدالصبور ڦلپوٽو کي حق سچ لکڻ تي بااثرن پاران موت مار ڌمڪيون ملڻ خلاف عبدالصبور ڦلپوٽو، غلام نبي، شهمير، جاويد، شهباز محمد ملوڪ شريف ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته عبدالصبور ڦلپوٽو سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڳوٺ جي حق وٺڻ لاءِ سچ لکيو ته بااثرن عمير ڦلپوٽو ۽ ابوبڪر ڦلپوٽو هٿيارن جي زور تي اڳ وٺي موت مار ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته توهان سوشل ميڊيا تي اجايو لکي نه لک، جيڪو عمل غلط آهي تون هاڻي باز اچ نه ته تو کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ھنن چيو ته اسان اهڙو واقعي جو اطلاع ايس ايس پي خيرپور کي ڏنو آهي جنهن سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري هن سان انصاف ڪيو وڃي، پر افسوس جو ايس ايڇ او سي سيڪشن ايس ايس پي جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي، عبدالصبور ڦلپوٽو ڊي آء جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي منهنجي جان بچائي وڃي.

Read Previous

سلطانپور ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سکر تي سنگرار ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو،

Read Next

عالم سڳورا چاليھي جي موقعي تي مذهبي ھم آھنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن – غضنفر علي قادري

Most Popular