سلطانپور ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سکر تي سنگرار ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو،

سلطانپور : رپورٽ ۔ضميرحسين انڍڙ
سلطانپور ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سکر تي سنگرار ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف سلطانپور، ناروهمٿر جي باشعور ۽ سجاڳ ڌرين، آبادگارن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حملي آور بنادير جي گرفتار ڪري سندس سان انصاف ڪيو وڃي، مظاهرين جو مطالبو، تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سکر محترم رسول بخش جوڻيجو حسيني تي ڪاري ناري جي سيلابي پاڻي جي نيڪالي دوران سنگرار ٿاڻي جي حد ڪورائي واھ تي شرپسندن پاران سندس کي قتل ڪرڻ لاءِ مٿس سڌي فائرنگ ڪري ڏني هئي پر هو معجزاڻي نموني بچي ويو سندس مٿان اهڙي قاتلاڻي حملي خلاف سلطانپور جي سڄاڻ ڌرين عاشق حيدري، محمود مهر ، اياز سمائر ، مظفر جوڻيجو، فدا جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين احتجاج ڪندي ڳالهائيندي چيو ته رسول بخش جوڻيجو اسان جي علائقي جي معزز شخصيت آهي ۽ هن سلطانپور سميت ناروهمٿر، ڊرٻ ۽ پنوعاقل جي ماڻهن لاءِ زراعت سميت ٻين اهم معاملن تي سدائين اڳڀرو رهيو آهي تازو برساتين سبب ٻڏي ويل علائقن ۾ هن جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي گذريل ڏينهن هو ڪاري ناري جي گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ هو ڳري مشينن ذريعي پاڻي ڪڍرائي رهيو هو ته سنگرار ۾ موجود ڪجھ شرپسندن مٿس پنهنجون زمينون بچائڻ خاطر قاتلاڻو حملو ڪيو جيڪو ناقابل برداشت آهي ۽ مذمت جوڳو عمل آهي هنن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سکر محترم رسول بخش جوڻيجو مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندس کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

“سگريٽ ڇڪي پيءُ بيمار پٽ ٿيندو”

Read Next

خيرپور جي يوسي مهر علي جي سماجي اڳواڻ عبدالصبور ڦلپوٽو کي حق سچ لکڻ تي بااثرن پاران موت مار ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهر

Most Popular