بي ٽيم ناهيون، ڪنڊيشن جو اندازو آهي، اسپنرن سان فرق نه پوندو: انگلش ڪپتان پراعتماد

انگلش ٽيم جي ڪپتان معين علي چيو آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته انگلينڊ جي بي ٽيم پاڪستان جي دوري تي آئي آهي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انگلينڊ جي قائم مقام ڪپتان معين علي چيو ته جوني بيئريسٽو، جوفرا آرچر ۽ بين اسٽوڪس انجري سبب سيريز جو حصو ناهن پر اهو تاثر ڏيڻ درست ناهي ته انگلينڊ جي بي ٽيم پاڪستان آئي آهي.

هن چيو ته ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ ڊگهي انجريءَ کانپوءِ واپس اچي رهيا آهن، اسان پنهنجي فاسٽ بالرن کي احتياط سان استعمال ڪرڻ چاهيون، مٿان ورلڊ ڪپ آهي، اهي مڪمل تيار ٿي ويا ته کين کيڏائينداسين.

سندس چوڻ هو ته منهنجي فيملي پاڪستان سان واسطو رکي ٿي، اها مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، منهنجا دوست ۽ فيملي منهنجي ڪپتاني تي فخر محسوس ڪندا آهن.

معين علي چيو ته نيشنل اسٽيڊيم جي پِچ جو معائنو ناهي ڪيو پر ڪراچي جي ڪنڊيشن جو اندازو آهي، ڪجهه اهم رانديگرن جي غير موجودگي کانپوءِ نوجوانن کي موقعو آهي ته اهي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارين.

انگلش آل رائونڊر چيو ته اسان جي ٽيم وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ بهترين آهي، ڪپتان جوز بٽلر جي انجريءَ جي حوالي سان اڃا ڪجهه نٿا چئي سگهون، ممڪن آهي ته آخري ٻن ميچن ۾ بٽلر اچي وڃي، اسان بٽلر کي ورلڊ ڪپ لاءِ مڪمل فٽ چاهيون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته مون کي نٿو لڳي اسپنرن سان گهڻو فرق نه پوندو، ثقلين مشتاق جي اسان تمام گهڻي عزت ڪندا آهيون، جڏهن هو انگلينڊ جو ڪوچ هو ته ان وٽان گهڻو ڪجهه سکيو.

Read Previous

ڇا پاڪ-ڀارت سيريز ٿيڻ واري آهي؟

Read Next

پاوري گرل دنانير به بد نظرن کان نه بچي سگهي

Most Popular