پاوري گرل دنانير به بد نظرن کان نه بچي سگهي

پاڪستاني اداڪارا ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر دنانير مبين به پاڻ کي بد نظر کان بچائڻ لاءِ هڪ نسخو استعمال ڪندي آهي.

دنانير گلوڪار نمرا رفيق سان گڏ خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. شو دوران شو آڊينس ۾ ويٺل هڪ عورت کانئس سوال ڪيو ته توهان اسڪرين تي تمام خوبصورت لڳندا آهيو، ڇا توهان کي ڪنهن جي نظر ناهي لڳندي؟

عورت دنانير کان اهو به پڇو ته توهان نظر لڳڻ کان ڪيئن بچندا آهيو؟

جواب ۾ دنانير ٻڌايو ته مونکي نظر لڳندي آهي، منهنجي ماءُ چوندي آهي ته تنهنجي رت هلڪي آهي، جنهن ڪري توکي نظر تمام جلدي لڳي ويندي آهي.

دنانير چيو ته منهنجي اسان جي نظر پاڻي ۽ مرچن سان لاهيندي هئي. انکانسواءِ اسان جي گهر ۾ هرمل جي ٻوٽَي کي ڪوئلي تي ساڙي ان جو دونهون ڏنوويندو آهي.

Read Previous

بي ٽيم ناهيون، ڪنڊيشن جو اندازو آهي، اسپنرن سان فرق نه پوندو: انگلش ڪپتان پراعتماد

Read Next

لاڳاپن جي تصديق، صبا قمر پنهنجي مداحن کي مجبور ڪري ڇڏيو

Most Popular