ڇا پاڪ-ڀارت سيريز ٿيڻ واري آهي؟

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ذاڪر خان پاڪ ڀارت ٻه طرفي سيريز بابت  ڳالهايو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ذاڪر خان ٻڌايو ته ڀارت سان ٻه طرفي سيريز تي ڪائي اڳڀرائي ناهي ٿي.

هن چيو ته پي سي بي ڀارت سان ڪڏهن به کيڏڻ کان منع ناهي ڪيو، ذاتي حيثيت سان ڀارتي بورڊ جي اختيارين سان ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن.

ذاڪر خان جو چوڻ هو ته پي سي بي جي مضبوط موقف کانپوءِ وڏيون ٽيمون پاڪستان جو رخ ڪرڻ لڳيون آهن، آسٽريليا جي دوري ۽ انگلينڊ جي آمد سان ٻن ميگا ايونٽن لاءِ رستا  کُلي ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته ايشيا ڪپ 2023ع ۽ 2025 ۾ شيڊول چيمپئنز ٽرافي جي ميزباني ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي، اميد آهي ته ايندڙ سال نيوزيلينڊ جي ٽيم پڻ پاڪستان جو دورو ڪندي.

Read Previous

ڪراچي واسڻ معذور ناري نسيم شاهه جي فين، ملاقات جي خواهشمند

Read Next

بي ٽيم ناهيون، ڪنڊيشن جو اندازو آهي، اسپنرن سان فرق نه پوندو: انگلش ڪپتان پراعتماد

Most Popular