ماڻهن جي گم ٿيڻ ۽ سندن لاش ملڻ تي رياست شرمسار آهي: گهرو وزير

راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته رياست لاءِ اهو شرمساري جو سبب آهي ته ماڻهن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ بدران کين گم ڪيو وڃي ۽ وري سندن لاش ملن.

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٽن گم ٿيل ڪارڪنن جا لاش ملڻ بعد وزيراعظم سان هڪ ملاقات ٿي هئي، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي رياست جي ذميوار آهي، جيڪا رياست ائين نٿي ڪري سگهي اها رياست پنهنجي بنيادي فرضن کان غافل آهي.

گهرو وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڏک موت کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، سندن انتظار ۾ واٽون نهاريندڙ گهرڀاتين جي هر گهڙي قيامت جهڙي گذرندي آهي، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پنهنجو ڏک ۽ احتجاج وڏي حوصلي سان گڏ رڪارڊ ڪرايو، اسان خاطري ڪرائي آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

گم ٿيل ماڻهن بابت گهرو وزير چيو ته هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، هي مسئلو رڳو ڪراچي جو نه سڄي ملڪ ۾ اهڙي قسم جا مسئلا آهن، اسان جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته تشدد ۽ گمشدگي انسانيت جي احترام خلاف آهن، جيڪي ماڻهو انهن شين ۾ ملوث آهن اهي آئين جي ڀڃڪڙي رهيا آهن.

راڻا ثناءُ الله چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو واسطو ڪنهن به صوبي سان هجي سندن بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

Read Previous

” عمران نيازي سرعام ادارن کي للڪاري رهيو آهي ڇا اهو عدالتن کي نظر پيو اچي؟ “

Read Next

عمران، شهباز ڪوڙا آهن: شبر زيدي

Most Popular