” عمران نيازي سرعام ادارن کي للڪاري رهيو آهي ڇا اهو عدالتن کي نظر پيو اچي؟ “

ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ۾ مسٽر ايڪس ۽ واءِ جو نالو کڻڻ جي جرئت ناهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان جن کي ذميوار قرار ڏئي رهيو آهي، انهن جو نالو ڇو نٿو کڻي؟ عوام کي چوي ٿو ته ڊپ جا بت ڪيرائي ڇڏيو، هن ته مسٽر ايڪس واءِ  جو نالو کڻڻ جي به جرئت ناهي، قوم کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ عمران خان جي ڪم جو طريقو آهي.

مريم نواز  سوال اُٿاريندي چيو ته عمران نيازي سرعام ادارن کي للڪاري رهيو اهو عدالتن کي نظر ڇو نه پيو اچي؟ اهڙي قسم جي روش جي مذمت ڪرڻ گهرجي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ڪالهه جيڪو ڪالز ڪرائي رهيو هو اڄ اهو چئي رهيو آهي ته منهنجن ڪارڪنن کي ڪالز اچي رهيون آهن، ڌمڪين جا ثبوت آهن تي سامهون آڻيو.

مريم نواز  عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان پارٽي اجلاس ۾ چيو ته ڪير ڪنهن سان ملاقات ڪري رهيو آهي، ڇا توهان پنهنجي پارٽي کي ملاقاتن تي اعتماد ۾ ورتو هو، ڇا توهان ڪڏهن پارٽي کي ٻڌايو ته ڪنهن ڪنهن سان ڳجهون ملاقاتون ڪندا آهيو؟

مريم نواز چيو ته هاڻي ڳالهه آرمي چيف جي مقرري تي اچي اٽڪي آهي، هو چوي ٿو ته سندس پسند جو آرمي چيف مقرر نه ڪيو ويو ته اداري کي بدنام ڪندو ۽ سندن منهن ڪارا ۽ داغدار ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ ايندڙ آرمي چيف واري فهرست ۾ ڪجهه اهڙا آفيسر به آهن جن ان عهدي تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي سڄي زندگي ڏني آهي.

Read Previous

عمران خان خلاف عورت جج کي ڌمڪائڻ وارو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل

Read Next

ماڻهن جي گم ٿيڻ ۽ سندن لاش ملڻ تي رياست شرمسار آهي: گهرو وزير

Most Popular