يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ پيوٽن اهم قدم کڻي سگهي ٿو: ترڪيا صدر

)ترڪيا جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين ۾ جنگ جو خاتمو چاهي ٿو.

آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ترڪيا جي صدر چيو آهي ته صدر پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه ۾ اهو اندازو ٿيو ته هو يوڪرين جنگ جو جلد خاتمو چاهي ٿو.

هن چيو ته روسي صدر يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ اهم قدم کڻي سگهي ٿو.

ترڪ صدر موجب يوڪرين هن مهيني پنهنجو تمام وڏو علائقو روس جي قبضي مان واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. روس جي لاءِ صورتحال گهڻي پريشان ڪندڙ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٻه سئو قيدين جي مٽاسٽا جلد ٿي سگهي ٿي.

Read Previous

عمران، شهباز ڪوڙا آهن: شبر زيدي

Read Next

”ايان علي هاڻي اها ناهي رهي“، اداڪارا جو نرالو روپ

Most Popular