صالح پٽ روھڙي کي ملائيندڙ مين روڊ جي ڪري پيل پل 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نه ٺهي سگهي ۔ عوام سخت پريشان

صالح پٽ (رپورٽ غلام علي ملاح) صالح پٽ روھڙي کي ملائيندڙ مين روڊ جي ڪري پيل پل 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نه ٺهي سگهي ۔ عوام سخت پريشان رپورٽ موجب صالح پٽ ۽ روهڙي کي ملائيندڙ مين روڊ تي ڳوٺ بخاري فارم وٽ سم نالي مٿان ٺاهيل پل بارشن جي پاڻي جي وهڪري جي ڪري لڙهي وڃڻ کانپوء 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پل ٺهي نه سگهي آهي جنهنڪري مين روڊ سان ٽرانسپورٽ مڪمل طور بند پيل آهي, رستو بحال نه ٿيڻ ڪري هزارين ڳوٺ روهڙي ۽ سکر کان ڪٽيل آهن جڏهن ته پوري تعلقي صالح پٽ جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو آهي, زراعت جي لحاظ سان تعلقو صالح پٽ سکر ضلعي کي وڌ کان وڌ روينيو ڏيندڙ تعلقو آهي جنهن ۾ 17 ڪاٽن فيڪٽريون ۽ آئل ملز ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ ڦٽين جي هلندڙ سيزن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ٻين صوبن کان لکين مڻ ڦٽي خريد ڪئي ويندي آهي ۽ ڦٽي کي صاف ڪري ڪپهه, ٻج ۽ تيل ٻين ضلعن ۽ صوبن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي ليڪن مين روڊ ڪٽيل هجڻ ڪري 4 ويل گاڏي, ٽريڪٽر, ٽرڪ, ٽرالر وغيره اچي وڃي نٿا سگهن جنهنڪري ڪاٽن فيڪٽرين جو ڪاروبار ۽ شھر جو ڪارو بار سخت متاثر ٿي ويو آهي ۽ بارشن کانپوء بچي ويل ووئڻن جي فصل جا آبادگار فيڪٽرين تائين ڦٽيون پهچائڻ لاء به سخت پريشان آهن ۽ صالح پٽ ۾ ايمرجنسي علاج جي سهولت نه هجڻ ڪري مريضن کي سکر جي اسپتالن ڏانهن کڻي وڃڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي جڏهن ته وفاقي وزير آبي وسائل سيد خورشيد احمد شاهه 10 ڏينهن اڳ سم نالي مٿان ڊهي ويل پل جو جائزو ورتو ھو جنھن جلد پل ٺهرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي ليڪن هن وقت تائين پل ٺهي ناهي سگهي ڳوٺاڻن آبادگارن شھرين ۽ ڪاروباري ماڻهن مطالبو ڪيو آھي ته سم نالي واري ڊهيل پل جلد ٺهرائي ڏني وڃي ته جيئن ڪاروبار بحال ٿي سگهي۔

Read Previous

رات جو دير تائين جاڳندڙ موتمار بيمارين کي دعوت ٿا ڏين

Read Next

عمران خان ”  حقيقي آزادي“ تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular