پي ٽي آءِ لانگ مارچ کي سپورٽ ڪندڙ صوبن خلاف ڪارروائي ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته رياست جي گادي واري شهر تي چڙهائي لاءِ جيڪو صوبو لانگ مارچ کي سپورٽ ڪندو، ان خلاف ڪارروائي جو اختيار آئين وفاقي کي ڏئي ٿو.

هيومن ٽريفيڪنگ سيمينار بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آهي، هن غير قانوني حرڪت ڪئي، اهڙو نالائق پٽ هجي ته ماءُ پيءُ به پيار ناهن ڪندا، هي همراهه سڄي قوم ۽ نوجوان نسل کي نفرت سيکاري رهيو آهي، عمران خان 26 ڪروڙ رُپين جو فراڊ ڪيو، سونا قلم چوريائين، جيڪڏهن شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جي اڪائونٽن جي چاج پڙتال ڪئي وڃي ته ان ۾ به عمران خان چور ثابت ٿيندو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان توهين عدالت ڪئي آهي جيڪا ثابت ٿي چڪي آهي، هاڻي جيڪڏهن هو معافي گهرندو ته ڇا توهين عدالت ختم ٿي ويندي؟

وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان جيڪا لعنت ڪمائي آهي ان مان ڪڏهن به نه بچي سگهندو، هن قوم جو پنجاهه ارب ٻوڙيو، القادر ٽرسٽ جي نالي تي پنج ارب رُپيا ورتائين.

سندس چوڻ هو ته چرئي ۽ بيوقوف شخص سان ڪنهن به قسم جو ڳالهيون نٿيو ٿي سگهن، جنهن سندس حمايت ڪئي هئي اڄ اهي به پڇتائي رهيا آهن، عمران خان جي شر کان ڪير به محفوظ ناهي، جيڪڏهن اڃا به قوم نه سمجهو ته اهو اهڙي قسم جو چريو آهي جهڙو جرمني ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن جي چريائپ جي سبب قوم  پنجاهه سال غلاميءَ ۾ گذاري ڇڏيا.

عمران خان جي امڪاني لانگ مارچ بابت ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته جيڪي صوبا لانگ مارچ جي سپورٽ ڪندا اهي آئين جي ڀڃڪڙي هوندي ۽ اهڙي صورتحال ۾ وفاق آئين پٽاندڙ قدم کڻندي.

هن چيو ته اسان پهريان مسلمان آهيون، ديني عالم ان معاملي تي رهمنائي ڪن ته ٽرانس جينڊر بابت اسان جو مذهب ڇا ٿو چوي، جئين دين چوي ٿو ان موجب پنهنجي زندگي کي ريگوليٽ ڪرڻ گهرجي، ان کانسواءِ زندگي گذارينداسين ته ڪنهن به پاسي جا نه رهنداسين.

Read Previous

عمران خان ”  حقيقي آزادي“ تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

معيشت آءِ ايم ايف حوالي ڪندڙ چون ٿا ملڪ آزاد ڪرائينداسين: مولانا فضل الرحمان

Most Popular