معيشت آءِ ايم ايف حوالي ڪندڙ چون ٿا ملڪ آزاد ڪرائينداسين: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه چيو آهي ته معيشت آءِ ايم ايف حوالي ڪندڙ چون ٿا ملڪ آزاد ڪرائينداسين.

جمعيت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته ملڪي معيشت جو معاهدي ڪري عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي حوالي ڪري ڇڏيو.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته آزمائش واري ماحول ۾ ڪنهن سياسي پارٽي تي تنقيد نه ڪندس، هوائي معائني سان ڏٺو ته ڪٿي به رستو ناهي، هر پاسي پاڻي ئي پاڻي آهي، حڪومت جو فرض آهي ته جيڪي جهاز امدادي سامان کڻي پيا اچن اهو عوام تائين پهچائي.

سندس چوڻ هو ته سمورين سماجي تنظيمن کي خدمتون پيش ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، رستن جي مڪمل اڏاوت ۾ وقت لڳي ويندو پر حڪومت کي چوندس ته امداد متاثر تائين پهچندي نظر ضرور اچڻ گھرجي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت ڪوشش ۾ آهي ته ڪهڙي طرح مهانگائي تي ڪنٽرول ڪريون، ٻوڏ جي تباهين سبب ڏکيائيون درپيش آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ادارا آئين موجب فيصلا ڪندا، عمران خان تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ وارو آهي ان لاءِ هو سياسي شهيد بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ملڪي معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي جي يو آءِ ف سربراهه جو چوڻ هو ته اسان ملڪ جي معيشت کي معاهدا ڪري عالمي مالياتي فنڊ (اءِ ايم ايف) حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن پارٽي ائين ڪيو هو اڄ چون ٿا اسان ملڪ کي آزاد ڪرائينداسين.

Read Previous

پي ٽي آءِ لانگ مارچ کي سپورٽ ڪندڙ صوبن خلاف ڪارروائي ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

Read Next

عدالت جي ڪري پينا ڊول ملي هاڻي اٽو به ملڻ گهرجي: شيخ رشيد جي ٽوئيٽ

Most Popular