عدالت جي ڪري پينا ڊول ملي هاڻي اٽو به ملڻ گهرجي: شيخ رشيد جي ٽوئيٽ

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ مقرري سڀني جي ڀاري ٿي وئي آهي، چونڊون ئي ملڪي هن وڌيڪ لکيو ته هڪ مقرري سڀني تي ڀاري ٿي وئي آهي، وقت اچڻ تي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي سگهجن ٿيون، پي ڊي ايم چونڊن کان ڀڄي رهي آهي پر اليڪشن کي ملڪي استحڪام جو واحد حل آهي.استحڪام جو واحد حل آهن.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته اڄ ٻن وزيرن جي واڌ کانپوءِ ڪابينا ميمبرن جو انگ 72 ٿي ويو آهي، ماڻهن ٻوڏ ۽ ڊينگي وگهي مري رهيا آهن جڏهن ته حڪمران آمريڪا جي مهانگن ترين هوٽلن ۾ ترسيل آهن

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شيخ رشيد چيو ته رات ٻئين وڳي پيٽرول تي راتاهو هڻي هڪ ڏيڍ رُپيو واڌ ڪئي وئي، هر روز رپئي جي قدر ۾ مسلسل لاٿ اچي رهي آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته هتي طاقتور بي ڏوهه ۽ غريب ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پئناڊول ڏياري هاڻي اٽو به وٺرائي ڏئي.

.

Read Previous

معيشت آءِ ايم ايف حوالي ڪندڙ چون ٿا ملڪ آزاد ڪرائينداسين: مولانا فضل الرحمان

Read Next

نئين متعارف ڪيل آءِ فون ۾ خرابيون سامهون اچي ويون

Most Popular