نئين متعارف ڪيل آءِ فون ۾ خرابيون سامهون اچي ويون

ايپل گذريل هفتي نئين آءِ فون متعارف ڪرائي هئي، جنهن بعد ماڻهو آءِ فون چوڏنهن خريدڻ لاءِ پرجوش هيا، ان هوندي به واهپيدارن ڏاهن ڪيمرا سسٽم خراب هجڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن.

هڪ رپورٽ موجب ڪيترين ئي واهپيدارن آءِ فون چوڏنهن پرو جي ڪيمرا ۾ مسئلي بابت شڪايتون ڪيون آهن.

موبائيل واهپيدارن شڪايت ڪئي آهي ته ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ يا سنيپ چيٽ جي استعمال جي دوران موبائيل مان ميڪينيڪل آوازاچن ٿا يا اسڪرين بيهي ٿي وڃي، آٽو فوڪس ۽ فوڪس ۾ به مسئلو سامهون آيو آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئٽر ۽ ريڊٽ استعمال ڪرڻ دوران ”لائڪ“ جي بٽڻ بابت شڪايتون رپورٽ ٿيون آهن، مختلف واهپيدارن ان مسئلن جون وڊيوز به شيئرڪيون آهن جيڪي وائرل ٿي ويون آهن.

هڪ واهپيدار ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ ۾ به ڏکيائي ٿئي ٿي.

ايپل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نئين آءِ فون ۾ ڏکيائين بابت ڄاڻ آهي ان حوالي سان ايندڙ هفتي تائين سڀين ڏکيائين کي حل ڪيو ويندو.

Read Previous

عدالت جي ڪري پينا ڊول ملي هاڻي اٽو به ملڻ گهرجي: شيخ رشيد جي ٽوئيٽ

Read Next

پاڪستان ۾ هر سال غلط دوا سبب پنج لک ماڻهو فوت ٿيندا آهن: ماهر

Most Popular