پاڪستان ۾ هر سال غلط دوا سبب پنج لک ماڻهو فوت ٿيندا آهن: ماهر

اسپتالن ۾ اٽڪل ارڙهن سيڪڙو ماڻهو غلط دوائن سبب فوت ٿيندا آهن ۽ اسپتالن ۾ ٿيڻ وارين اٽڪل ٽي سيڪڙو موت به ان ڪارڻ ٿيندا آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل پنج لک ماڻهو غلط دوائن سبب موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.

هڪ رپورٽ موجب ماهرين پاران انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. طبي ماهرن چيو ته ڊاڪٽرز کي گهرجي ته مريضن جي معياري علاج لاءِ طبي ۽ ڪلينيڪل پروٽوڪول تي سختي سان عمل ڪن، هنن چيو ته ڪنهن به قسم جي غفلت ۾ لاڳاپيل اختياريون معاملي جي جاچ ڪن جيئن مستقبل ۾ اهڙا ڏکوئيندڙ واقعا نه ٿين.

ماهرن چيو ته مشاهدي جي بنياد تي آمريڪا جهڙي اسريل ملڪ ۾ سو مان ٻه کان ڏهه ماڻهو غلط دوائون واپرائڻ سبب اجل جو شڪار ٿيندا آهن.

Read Previous

نئين متعارف ڪيل آءِ فون ۾ خرابيون سامهون اچي ويون

Read Next

توهان گاريون ڏيو ته ٺيڪ اسان ڏيون ته غلط؟ ثروت گيلاني ميزبان تي ڪاوڙجي پئي

Most Popular