توهان گاريون ڏيو ته ٺيڪ اسان ڏيون ته غلط؟ ثروت گيلاني ميزبان تي ڪاوڙجي پئي

اداڪارا ثروت گيلاني پنهنجي ويب سيريز ”چڙيلز“ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي ڇڏيو.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ميزبان احمد بٽ اداڪارا کان سوال ڪيو ته چڙيلز ۾ مردن خلاف تڪراري عنوان تي ڪم ڇو؟

ثروت جواب ڏنو ته جڏهن ڪير به پنهنجي لاءِ آواز نٿو اٿاري سگهي ته پوءِ اسان کي آواز بڻجي بيهڻ گهرجي، اسان جون مائرون، ڀينرون ۽ عورتون اهڙيون ڳالهيون دل ۾ ته ڪنديون آهن پر کليل نموني ڪير ناهي ڳالهائيندو، اسان انهن جو آواز بڻياسين.

احمد ٻيو سوال ڪيو ته ايڏي بولڊ مواد تي ڪم ڪرڻ ضروري هو؟ اداڪارا چيو ته اسان اهڙو ڇا ڪيو؟ جنهن تي ميزبان چيو ته ويب سيريز ۾ گارگند بابت پڇي رهيو آهيان.

ثروت گيلاني چيو توهان وڏي اسڪرين تي گاريون ڏيو ته ڪو مسئلو ناهي پر اسان انٽرنيٽ تي ٿورو کليل نموني ڳالهايون ته مسئلو ڇو؟

Read Previous

پاڪستان ۾ هر سال غلط دوا سبب پنج لک ماڻهو فوت ٿيندا آهن: ماهر

Read Next

”خليل الرحمان سِر کائو آهي“، ريما خان ناليواري ليکڪ جون برايون ڪرڻ لڳي

Most Popular