”خليل الرحمان سِر کائو آهي“، ريما خان ناليواري ليکڪ جون برايون ڪرڻ لڳي

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ريما خان ناليواري ليکڪ ۽ ڊراما نگار خليل الرحمان قمر کي گهڻ ڳالهائو قرار ڏنو آهي.

خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ريما خان خليل الرحمان قمر جو تعارف انوکي انداز ۾ ڪرائيندي چيو آهي ته ڊگها ڌاڳا ۽ ڊگهيون زبانون گهڻو وچڻندا رهندا آهن انڪري ڊگهي ڌاڳي کي ويڙهي جڏهن ته ڊگهي زبان کي سوگهو ڪري رکڻ گهرجي.

اداڪارا ان سان گڏ اهو به چيو ته خليل الرحمان جي زبان کي سوڙهو ڪيو ويو ته اهي خزانا جيڪي ان وٽ موجود آهن قلم ذريعي اسان وٽ پهچن ٿا اهي ان انداز ۾ نه پهچي سگهندا جيئن اسان چاهيون ٿا.

ريما خان چيو ته خليل الرحمان سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهيان سندس سُٺي ڳالهه اها آهي ته هو تمام بهترين ليکڪ آهي، خراب ڳالهه اها آهي ته هو پاڻ کي گهڻو سمجهندو آهي ۽ جيستائين مطمئن ناهي ٿيندو تيستائين اڳلي کي قبر تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. انڪري پاڻ پڏائڻ واري عادت خليل الرحمان جي لفظن ۾ اچي ويندي آهي جنهن کي اسان کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪو به انسان پرفيڪٽ ناهي هوندو.

هن چيو ته ساڻس گڏ ڪم ڪندي ڪيترائي ڀيرا مختلف ڳالهين تي جهيڙا به ٿيا پر ادب وارو لحاظ گهڻو رهيو. مونکي خبر آهي ته خليل الرحمان سِر کائو آهي ۽ ان جي ڪري سندس بڙ بڙ مونتي ڪو به فرق ناهي ڪندي.

Read Previous

توهان گاريون ڏيو ته ٺيڪ اسان ڏيون ته غلط؟ ثروت گيلاني ميزبان تي ڪاوڙجي پئي

Read Next

ائين صفا نه ڪجو، پاڪستاني ڪرڪيٽرز لاءِ نئون هدايت نامو جاري

Most Popular