ائين صفا نه ڪجو، پاڪستاني ڪرڪيٽرز لاءِ نئون هدايت نامو جاري

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران سخت سيڪيورٽي سبب قومي رانديگر سخت پريشان آهن.

رانديگرن جي نئون هدايت نامو جاري ڪيو ويو آهي ته جنهن پٽاندڙ هو ٻاهران کاڌو نٿا گهرائي سگهن، سمورن رانديگرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪو کاڌو هوٽل ۾ هوندو اهو ئي کائڻو پوندو.

هدايت نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رانديگرن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ پڻ هڪ ڏينهن اڳ ٻڌائڻو پوندو، پر ڪووڊ پروٽوڪول ختم ٿيڻ باوجود رانديگر هوٽل تائين ئي محدود آهن.

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پاڪستاني رانديگرن طرفان ٽيم مئنيجمنٽ کي شڪايت ڪئي وئي آهي پر سيڪيورٽي اڳيان مئنيجمنٽ پڻ بيوش آهي.

ان ڏس ۾ جڏهن انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي هيري بروڪس کان پاڪستان ۾ فراهم ڪيل سيڪيورٽي بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته زبردست سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ کلندي چيائين ته هو جڏهن باٿروم ويندو آهي ته ائين لڳندو آهي ته سيڪيورٽي ساڻس گڏ آهي.

Read Previous

”خليل الرحمان سِر کائو آهي“، ريما خان ناليواري ليکڪ جون برايون ڪرڻ لڳي

Read Next

آءِ سي سي ڪرڪيٽ قانون تبديل ڪري ڇڏيا

Most Popular